پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ سائوٿ هيمٽن ۾ کيڏي ويندي

Pak-vs-England-23816

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ سائوٿ هيمٽن ۾ کيڏي ويندي.

انگلش سرزمين تي قومي ٽيم جي ڪارڪردگي ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار رهي،جنهن سبب ٽيسٽ سيريز ٻن-ٻن ميچز سان برابر ڪري ورتي.

ٽيسٽ سيريز برابر ٿيڻ بعد سڀني جون نظرون ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي کتل آهن.

ميزبان ٽيم کي هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ آسان نه هوندو، جنهن سبب ٽيم گذريل ڏينهن ڀرپور تياري ڪئي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2010 کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 13ميچز ٿيون آهن،جن مان 10ميچز ۾ قومي ٽيم کي شڪست ۽ ٽن ميچز ۾ فتح نصيب ٿي.

انگلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ پاڪستاني ڪپتان اظهر علي کي تجربيڪار شعيب ملڪ، محمد حفيظ ۽سرفراز احمد سان گڏ فاسٽ بالر عامر، وهاب رياض ۽ياسرشاهه شامل آهن،جڏهن ته انگلش ٽيم جي بيٽنگ جو دارو مدار جوِءِ ورٽ ۽آئن مورگن تي هوندو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ رٿيل پهرين ون ڊي ميچز پاڪستان ٽائم مطابق 6بجي کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*