ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪميٽي ۾ چيئرمين جي عهدي تي نوازليگ اميدوار جي شڪست ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي پي ٽي آءِ اميدوار جي ڪاميابي کانپوءِ ڪراچي اتحاد ۾ ڏار پئجي ويا

Nawaz-Pti-24816

ڪراچي ۾ ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪميٽي ۾ چيئرمين جي عهدي تي نوازليگ اميدوار جي شڪست ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي پي ٽي آءِ اميدوار جي ڪاميابي کانپوءِ ڪراچي اتحاد ۾ ڏار پئجي ويا، نوازليگ اڳواڻن غداري جا الزام هڻندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل کي ميڊيا سان ڳالهائڻ نه ڏنو ۽ کيس ڌڪا ڏئي واپس موڪلي ڇڏيو.

ڊي ايم سي ويسٽ ۾ ايم ڪيو ايم جو مقابلو 6 جماعتي اتحاد سان هو، جتي چيئرمين جي عهدي تي متحده اميدوار اظهار احمد خان کي 36 ۽ نوازليگ اميدوار امان الله مروت کي 31 ووٽ مليا، جڏهن ته وائيس چيئرمين جي عهدي تي ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي 26 ۽ اتحاد پاران پي ٽي آءِ جي نامزد اميدوار کي 41 ووٽ مليا.

اهڙن نتيجن بعد نوازليگ اڳواڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پي ٽي آءِ جي عمران اسماعيل کي ڌڪا ڏئي هٽائي ڇڏيو ۽ مٿس غداري جا الزام هنيا.

نوازليگ اڳواڻن چيو ته تحريڪ انصاف جي غداري سبب چيئرمين جي عهدي تي اسان جي اميدوار کي شڪست ملي، جڏهن ته اسان وائيس چيئرمين لاءِ پي ٽي آءِ اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو.

عمران اسماعيل ميڊيا ٽاڪ نه ڪري سگهيو ۽ ڪي ايم سي بلڊنگ هليو ويو، جتي هو خوشگوار موڊ ۾ وسيم اختر سان ڀاڪر پائي مليو ۽ کيس واڌايون ڏنيون.

عمران اسماعيل چيو ته هو ڪراچي جي چونڊيل ميئر سان گڏجي ڪم ڪندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*