مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي ۾ متحده اميدوار طيب حسين ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جو ميئر ۽ سهيل مشهدي ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا
مڪاني چونڊن جي آخري مرحلي ۾ متحده اميدوار طيب حسين ميونسپل ڪارپوريشن حيدرآباد جو ميئر ۽ سهيل مشهدي ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا، ٻنهي اميدوارن کي 111 ووٽ مليا، جڏهن ته پ پ اميدوار اي بي پاشا قاضي ۽ حسن علي جتوئي 27 ووٽ حاصل ڪري سگهيا.
ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو چيئرمين پ پ سان واسطو رکندڙ بدر ميمڻ چونڊجي ويو، جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جو چيئرمين پ پ اميدوار ڪاشف شورو چونڊجي ويو.
ميونسپل ڪميٽي ٽندو ڄام جي مڪاني چونڊن ۾ پ پ جو خان محمد ٽالپر چيئرمين ۽ لياقت علي ڪليري وائيس چيئرمين چونڊجي ويا.
ٻنهي اميداور 12 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ بيٺل متحده اميدوارن عمران راجپوت ۽ شير محمد کي رڳو چار ووٽ ملي سگهيا….