الطاف حسين جي بيان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي،سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه

Qaim-Ali-Shah-24816

سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته الطاف حسين جي بيان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار متحده سربراهه خلاف ڪارروائي ڪري ته ثبوت موجود آهن.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته چاهيون ته ڪراچي ۾مڪمل طور امن قائم ٿي وڃي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته متحده سربراهه اڳ به اهڙا غير اخلاقي بيان ڏيندو رهيو آهي، اهڙن بيانن تي قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته الطاف حسين جي بيان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جيڪڏهن وفاقي سرڪار متحده سربراهه خلاف ڪارروائي ڪري ته ثبوت موجود آهن.

سيد قائم علي شاهه چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي محنت سان ڪراچي جون حالتون اڳ کان بهتر آهي، امن قائم قائم ڪرڻ لاءَ آرمي چيف جون ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ سيد قائم علي شاهه جو چوڻ هو ته آئون اڃان تائين به ڪنهن نوجوان کان گهٽ ناهيان………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*