ايم ڪيو ايم جو 12 مئي واقعي ڪيس ۾ گرفتار اڳواڻ وسيم اختر ميئر ۽ ارشد ووهرا ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا

Waseem-Akhter-24816

ايم ڪيو ايم جو 12 مئي واقعي ڪيس ۾ گرفتار  اڳواڻ وسيم اختر ميئر ۽ ارشد ووهرا ڊپٽي ميئر چونڊجي ويا، جڏهن ته پ پ جو سلمان عبدالله مراد ڪراچي ضلع ڪائونسل جو چيئرمين ۽ رفيق جت وائيس چيئرمين چونڊجي ويا آهن.

ايم ڪيو ايم جو وسيم اختر ڪراچي جي 6 جماعتي اتحاد کي شڪت ڏئي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو ارشد ووهرا ڊپٽي ميئر  چونڊجي ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر پيپلز پارٽي جي اميدوار ڪرم الله وقاصي کي شڪست ڏئي ڪراچي جو ميئر چونڊجي ويو آهي.

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي لاءِ پ پ جو اميدوار سلمان عبدالله مراد 35 ووٽ کڻي چيئرمين ۽ رفيق جت وائيس چيئرمين چونڊجي ويا، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار ڄام عالم ڄاموٽ کي 21 ووٽ مليا.

ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سان گڏ ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ به اڪثر سيٽس تي ايم ڪيو ايم جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.

ڪراچي اوڀر ضلعي ۾ ميونسپل ڪميٽي لاءِ ايم ڪيو ايم جو معيد انور  چيئرمين ۽ عبدالرئوف وائيس چونڊجي ويا.

ڪراچي جي اولهه ضلعي جي ميونسپل ڪميٽي لاءِ به ايم ڪيو ايم جو اظهار احمد خان 36 ووٽ کڻي چيئرمين چونڊجي ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي وائيس چيئرمين جي اميدوار گلفراز خٽڪ هارائي ويو ۽ ڪراچي اتحاد جو اميدوار عزيز الله مروت وائيس چيئرمين چونڊجي ويو.

ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي ميونسپل ڪميٽي لاءِپ پ جو ملڪ فياض چيئرمين ۽ سندن اتحادي پي ٽي آءِ  جو منصور شيخ  وائيس چيئرمين چونڊجي ويو.

 ڊي ايم سي ملير لاءِ پ پ جو جان محمد بلوچ اڳ ئي بنا مقابلي چيئرمين طور ڪامياب ٿيل آهي، ۽ اڄ پ پ جي عبدالخالق مروت نواز ليگ جي ملڪ تاج محمد کي شڪست ڏئي وائيس چيئرمين چونڊجي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*