ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، 12 مئي سانحي ڪيس جو عبوري چالان منظور ڪندي پوليس کي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Waseem-Akhter-2-24816

ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،  12 مئي سانحي ڪيس جو عبوري چالان منظور ڪندي پوليس کي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس چالان ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر 12 مئي سانحي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 12 مئي سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس عبوري چالان پيش ڪيو.

پوليس عبوري چالان ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪراچي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر 12 مئي سانحي ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

پوليس چالان ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته 12 مئي سانحي ڪيس ۾ وسيم اختر، ايم پي اي محمد عدنان ۽ ڪامران سميت 56 جوابدار نامزد آهن.

چالان جي متن ۾ چيو ويو ته وسيم اختر جي نشاندهي تي اسلم ڪالا کي گرفتار ڪري 12 مئي سانحي ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

عدالت پوليس جو عبوري چالان منظور ڪري حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*