گمبٽ جي عدالت هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ ناري طاهره شاهه کي زهر پيارڻ واري ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

ghambat

گمبٽ جي عدالت هنڱورجا ۾ پسند جي شادي ڪرڻ تان نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ ناري طاهره شاهه کي زهر پيارڻ واري ڪيس ۾ گرفتار چئن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت چئني جوابدارن کي وڌيڪ 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

هنڱورجا پوليس نوجوان ڪامران لاڙڪ ۽ طاهره شاهه کي زهر پيارڻ واري ڪيس ۾ گرفتار، طاهره جي پيءُ احسن شاهه، شمشاد شاهه، مراد شاهه ۽ تحسين کي گمبٽ جي سڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

عدالت سمورن جوابدارن کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته هنڱورجا ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري طاهره شاهه ۽ ڪامران لاڙڪ کي زبردستي زهر پياريو ويوهو، جنهن بعد نوجوان ڪامران لاڙڪ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ فوت ٿي ويو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*