پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هندو برادري جي ديوتا شري ڪشن جو جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

Untitled-1

پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هندو برادري جي ديوتا شري ڪشن جو جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ هندو برادري پاران مندرن ۾ تقريبون منعقد ڪري پوڄا پاٺ ڪري ملڪ جي خوشحالي لاءِ پرارٿنائون ڪيون پيون وڃن.

هندو برادري پاران اڄ مذهبي تهوار جنم اشٽمي ملهايو پيو وڃي، جنهن دوران تقريبون منعقد ڪري شري ڪشن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

مٺي جي شري ڪشن مندر ۾ جنم  اشٽمي جي موقعي تي رنگا رنگ تقريب ٿي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن به شرڪت ڪئي.

تقريب دوران شري ڪشن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ پوڄا پاٺ ڪري ملڪ جي خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ پرارٿنائون ڪيون ويون………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*