ڪنڊيارو ۾ ٻن نارين سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

kandiaro

ڪنڊيارو ۾ ٻن نارين سان مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

متاثر نارين جي وارثن ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن ٿاڻي آڏو احتجاج بعد مختيارڪار آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

مظاهرين دانهيو ته گذريل ڏينهن شهباز ڪالوني ۾ دڪاندار محسن شاهه ۽ سندس ٻن اڻڄاتل ساٿين نارين انيتا ۽ خانزادي رند کي دڪان ۾ يرغمال بڻائي کين زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هنن ٻڌايو ته نارين جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا، جنهن بعد پاڙيوارا واقعي واري هنڌ پهچي نارين کي هٿ ڪري ورتو.

نارين جي وارثن الزام هنيو ته ڪنڊيارو ٿاڻي جي ايس ايڇ او واقعي کي ڊرامو قرار ڏيندي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

مظاهرين چتاءُ ڏنو ته ايس ايڇ او کي هٽائي جوابدارن کي فوري طور گرفتار نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*