ڏوڪري ۾ شهرين بدامني خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهرين جو چوڻ آهي

dokri

ڏوڪري ۾ شهرين بدامني خلاف ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، شهرين جو چوڻ آهي ته ته گذريل ڪيتري عرصي کان شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ چورين ۽ ڦر جا واقعا وڌي ويا آهن پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي نه پئي ڪري.

ڏوڪري شهر، توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ ايندڙ ويندڙ رستن تي ڦرن، چورين جي وڌندڙ واقعن خلاف شهرين ۽ دڪاندارن پوليس خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي حيدر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪيتري عرصي کان چورين ۽ ڦر جي واقعن ۾ واڌ اچي وئي آهي، ڪو به اهڙو ڏينهن يا رات نه آهي جو چورين ۽ ڦرن جا واقعا نه ٿين.

هنن چيو ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري جنهن سبب شهري توڙي ڳوٺاڻا عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آحن.

هنن مطالبو ڪيو ته ڏوڪري پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ڏوهن تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*