امريڪن فلم انسٽيٽيوٽ پاران “دي برٿ آف آ نيشن” جي اسڪريننگ ڪينسل

FILM-BIRTHOFANATION--25816

هالي ووڊ ڊائريڪٽر نيٽ پارڪر خلاف جنسي زيادتي جو پراڻو ڪيس جو تڪرار سامهون اچڻ بعد دي امريڪن فلم انسٽيٽيوٽ سندس نئين فلم “دي برٿ آف آ نيشن” جي لاس اينجلس ۾ اسڪريننگ ڪينسل ڪري ڇڏي آهي.

فلم جي اسڪريننگ جمعي ڏينهن رٿيل هئا، جنهن بعد ڊائريڪٽر نيٽ پارڪر سان سوالن جوابن جي ويهڪ رٿيل هئي. پارڪر خلاف 1999ع ۾ جنسي هراسان جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو،

جنهن مان هو بري ٿي ويو هو پر گذريل هفتي الزام هڻندڙ ڇوڪري پاران آپگهات ڪرڻ جون خبرون سامهون اچڻ بعد نيٽ پارڪر ٻيهر تڪرار جي ور چڙهي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*