آمريڪي وفد آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات

Raheel-Sharif-25816

آمريڪي وفد آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪري افغانستان جي صورتحال، بارڊر مينجمينٽ سميت ٻطرفي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ۽ افغانستان ۾ آمريڪا جي خصوصي نمائندي جنرل جان نڪلسن ۽ ٻين جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪئي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات دوران پاڪ افغان بارڊر مينجمينٽ، افغانستان جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آمريڪي وفد ملاقات دوران آپريشن ضرب عضب ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*