جيستائين نوازشريف پاناما ليڪس تي جواب نه ڏيندو سندس پيڇو ڪندا رهنداسين، ميان صاحب ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رهي اسان پاناما کي وسرڻ نه ڏينداسين،پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان

Imran-Khan-25816

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جيستائين نوازشريف پاناما ليڪس تي جواب نه ڏيندو سندس پيڇو ڪندا رهنداسين، ميان صاحب ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رهي اسان پاناما کي وسرڻ نه ڏينداسين، ان جو حساب به وٺنداسين ۽ ملڪ جو لٽيل پيسو واپس به آڻينداسين.

سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته نوازشريف کي لاهور ۾ ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ هاڻي اسان جي تحريڪ نه رڪبي.

عمران خان چيو ته ڪرپشن ملڪ کي اوڏهي جيان کائي رهي آهي ۽ جنهن ملڪ جو سربراهه پاڻ ڪرپٽ هجي اتي ڪرپشن گهٽ ٿيڻ بدران وڌي ويندي، نوازشريف ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه رهي کيس حساب ڏيڻو پوندو، ملڪ جي ترقيءَ لاءِ طاقتور جو احتساب ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته لاهور ضرور وينداسين ۽ هاڻي تحريڪ انصاف پوئتي نه هٽندي، حڪمرانن جو احتساب ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رهندي.

عمران خان چيو ته سندس نالو پاناما ليڪس ۾ نه آهي پر پوءِ به هن پاڻ کي نوازشريف سان گڏ احتساب لاءِ پيش ڪيو آهي پر حڪمران ڊنل آهن.

هن چيو ته جنهن ملڪ جو حڪمران ڪرپٽ هجي اتي ترقي نه ٿيندي آهي پر ڪرپشن ئي وڌندي آهي ۽ هو پاناما معاملي تي ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ به ويندا ۽ حڪمرانن کان لٽيل ملڪي ناڻي جو ضرور حساب ڪتاب ورتو ويندو.

هن چيو ته نوازشريف جو پنهنجو ڪاروبار ٻاهر آهي ان جي چوڻ تي ٻيا پرڏيهي سيڙپڪار ڇو ايندا.

عمران خان چيو ته ڪي پي سرڪار لوڊشيڊنگ نه ڪري رهي آهي، لوڊشيڊنگ وفاقي سرڪار ڪري رهي آهي ۽ عوام کي صوبائي حڪومت خلاف احتجاج نه ڪرڻ گهرجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*