سيالڪوٽ ۾ مشڪوڪ سرگرمين سبب پاڪستاني نسل آمريڪي شهري کي گرفتار ڪيو ويو آهي

americi sheri

سيالڪوٽ ۾ مشڪوڪ سرگرمين سبب پاڪستاني نسل آمريڪي شهري کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي آمريڪي ايئرفورس جو پائليٽ سڏائي رهيو هو.

سيالڪوٽ ۾ پوليس ڪارروائي ڪري سهيل عبدالعزيز نالي پاڪستاني نسل آمريڪي شهري جي آمريڪي شهري کي گرفتار ڪري سندس خلاف مختلف نوعيت جا 3 ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي امريڪي ايئرفورس جو اهلڪار سڏائي رهيو هو، جاچ مان معلوم ٿيو ته وٽس امريڪي شهريت آهي پر اهو ايئرفورس جو اهلڪار نه آهي.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار کي مشڪوڪ سرگرمين سبب گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*