ڪراچي ۾ پگهارن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن کي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڳالهين لاءِ گهرائي ورتو آهي

cm teacher

ڪراچي ۾ پگهارن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن کي تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڳالهين لاءِ گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته استادن جي احتجاج سبب وڏو وزير سيد مراد علي شاهه روٽ تبديل ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ پهتو آهي.

قمبر جي استادن محمد اسحاق، نظير احمد ۽  سڄڻ مغيري جي اڳواڻي ۾ ٻن سالن کان پگهار بند هجڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج ڪيو، جنهن سبب وڏو وزير قائم علي شاهه روٽ تبديل ڪري سيڪريٽريٽ پهتو.

تعليم کاتي جي سيڪٽريٽري احتجاج ڪندڙ استادن جي اڳواڻن محمد اسحاق، نظير احمد ۽  سڄڻ مغيري کي ڳالهين لاءِ گهرائي ورتو آهي.

احتجاج ڪندڙ قمبر جي استادن مطالبو ڪيو آهي ته ٻن سالن سالن بند ڪيل پگهار ڏئي سندن مسئلو حل ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*