ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جمشيد ڪوارٽر واري علائقي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هڪ جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو

Karachi-Police-28716

ملير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جمشيد ڪوارٽر واري علائقي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هڪ جوابدار کي سوگهو ڪيو ويو، پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.

ملير جي الفلاح سوسائٽي ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

پوليس مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي جناح اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

جمشيد ڪوارٽر واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب ٽن جوابدارن هڪ گهر ۾ داخل ٿي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع تي ڪارروائي ڪري هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 2 فرار ٿي ويا.

پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا، سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*