ڪراچي جي احتساب عدالت مئٽرڪ بورڊ جي چيئرمين انوار احمد زئي کي هڪ ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، نيب 2 ڏينهن اڳ آفيس تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو هو

interboard

ڪراچي جي احتساب عدالت مئٽرڪ بورڊ جي چيئرمين انوار احمد زئي کي هڪ ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، نيب 2 ڏينهن اڳ آفيس تي ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪيو هو، انوار احمد زئي تي امتحاني نتيجا تبديل ڪرڻ ۽ ڪرپشن جو الزام آهي.

نيب  امتحاني نتيجن ۾ هيراڦيري ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين انوار احمد زئي کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي.

نيب عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته انوار احمد زئي مٿان غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن جا الزام آهن، جنهن سلسلي ۾ کيس حيدرآباد جي عدالت ۾ پيش ڪرڻو آهي.

عدالت اهڙي استدعا منظور ڪندي جوابدار کي هڪ ڏينهن جي راهداري ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*