لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميه خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو

lrk student protest

لاڙڪاڻي ۾ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميه خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو، شاگردن جو چوڻ آهي ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 9 شاگردن کي ايم بي بي ايس جي امتحان ۾ ڄاڻي واڻي هڪ سال فيل ڪيو ويو آهي، معاملي جو نوٽيس وٺي ٽرم بيڪ واري پاليسي ختم ڪئي وڃي.

  شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميه جي مبينا زيادتين خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ڪلاسن جي تالا بندي ڪري يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگردن جو چوڻ آهي ته يونيورسٽي انتظاميه ايم بي بي ايس جو سپليمينٽري امتحان ڏيندڙ 38 شاگردن مان 9 شاگردن کي ڄاڻي واڻي ٿرڊ ايئر مان سيڪنڊ ايئر ۾ اماڻي ڇڏيو آهي.

 هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميه ٽرم بيڪ  پاليسي تي عمل ڪندي شاگردن جو هڪ سال تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا شاگردن سان نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ايم بي بي ايس جو سپليمينٽري امتحان ڏيندڙ 9 نون شاگردن کي ٿرڊ ايئر ۾ اماڻي يونيورسٽي ۾ ٽرم  بيڪ پاليسي ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*