اسلام آباد ۾ واهه ۾ وهنجڻ دوران 3 ناريون ٻڏي ويون، جن مان ٻن جا لاش ڪڍيا ويا

1122-Punjab-26816

اسلام آباد ۾ واهه ۾ وهنجڻ دوران 3 ناريون ٻڏي ويون، جن مان ٻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.

باره ڪهو واري علائقي ۾ 13 سالن جي ڪشف پرويز ۽ ارم نسيم سميت 3 نينگريون واهه وهنجڻ دوران ٻڏي ويون.

اطلاع تي ريسڪيو رضاڪارن پهچي واهه ۾ ٻڏي ويل ٽن نينگرين مان هڪ کي بچائي ورتو، جڏهن ته ٻن جا لاش آيا آهن.

فوتي نينگرين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*