ملتان جي عدالت، ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ سندس وڌيڪ ٻن ڀائرن به کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو

Qandell-Case-20816

ملتان جي عدالت، ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ سندس وڌيڪ ٻن ڀائرن به کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

ملتان پوليس عدالت ۾ قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ جاچ دوران ماڊل جي وڌيڪ ٻن ڀائرن عارف ۽ اسلم شاهين کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪرائي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار وسيم جي اعتراف کانپوءِ اهو ثابت ٿي ويو آهي ته قنديل بلوچ جي قتل ۾ سندس وڌيڪ 2 ڀائر به ملوث آهن.

جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت قنديل بلوچ جي ٻن ڀائرنگ عارف ۽ اسلم شاهين کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته عدالت پاران اشتهاري قرار ڏنل جوابدار عارف سعودي عرب ۾ ترسيل آهي، جڏهن ته اسلم شاهين سرڪاري ملازم آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*