صوبائي صلاحڪار سعيد غني لانڍي واري علائقي ۾ سوشل سڪيورٽي اسپتال جو اوچتو دورو ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي جي حاضري چيڪ ڪئي

Saeed-Ghani-PPP-14-4-16

صوبائي صلاحڪار سعيد غني لانڍي واري علائقي ۾ سوشل سڪيورٽي اسپتال جو اوچتو دورو ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي جي حاضري چيڪ ڪئي، اسپتال ۾ صفائيءَ جي خراب صورتحال تي انتظاميا کي سخت ڇنڊ پٽي.

وڏي وزير جي صلاحڪار سعيد غني لانڍي واري علائقي ۾ سوشل سڪيورٽي اسپتال جو اوچتو دورو ڪيو، جنهن دوران آپريشن ٿيٽر، ايمرجنسي وارڊ ۽ ايڊمنسٽريشن بلاڪ جو معائنو ڪيو.

اسپتال ۾ صفائيءَ جي خراب صورتحال تي صوبائي صلاحڪار سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مريضن جي شڪايتن تي انتظاميا کي ڇنڊ پٽِي.

ان موقعي تي سعيد غني جو چوڻ هو ته لانڍي جو ڳاڻَيٽو اهم صنعتي علائقن ۾ ٿئي ٿو، جتي لکين مزدور ڪم ڪن ٿا، پورهيتن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*