سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن قيدين بهرام خان ۽ سعيد اعواڻ جون ڊيٿ وارنٽس خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن قيدين بهرام خان ۽ سعيد اعواڻ جون ڊيٿ وارنٽس خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته موت جي سزا ٻڌايل هڪ قيدي شفقت حسين جي وارثن درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس شهاب سرڪي تي ٻڌل بئنچ ڊيٿ وارنٽ خلاف قيدي بهرام خان ۽ سعيد اعواڻ جي وارثن پاران داخل ڪرايل اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته بهرام خان ۽ سعيد اعواڻ جو ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو نه آهي.

هڪ قيدي سعيد اعواڻ جي وارثن پاران اپيل ۾ چيو ويو آهي ته سعيد اعواڻ 16 سال قيد ڪاٽي چڪو آهي ۽ ان جو ڪنهن پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو نه آهي، انڪري سندس خلاف جاري ڪيل ڊيٿ وارنٽ تي عمل روڪيو وڃي.

عدالت بهرام خان ۽ محمد سعيد اعواڻ جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون، جن کي هلندڙ مهيني جي 13هين ۽ 15هين جنوري تي ڦاهي اچڻي آهي.

 ساڳئي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران هڪ ٻئي قيدي شفقت حسين جي وارثن وفاق پاران سزا تي عملدرآمد روڪڻ کانپوءِ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*