اسلام آباد مان نڪتل آزادي ٽرين منزل طرف روان دوان آهي، سکر پهچڻ تي شهرين پاران آزادي ٽرين جي شاندار آجيان ڪئي وئي

azadi 1

اسلام آباد مان نڪتل آزادي ٽرين منزل طرف روان دوان آهي، سکر پهچڻ تي شهرين پاران آزادي ٽرين جي شاندار آجيان ڪئي وئي.

اسلام آباد مان آزادي ڏهاڙي تي نڪتل ٽرين ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي.

azadi 2

آزادي ٽرين ۾ سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي ثقافت اجاڳر ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا فلوٽس رکيل آهن.

آزادي ٽرين لاهور ۽ منگلا اسٽيشن سميت پنجاب جي مختلف شهرن کان ٿيندي سکر پهچي وئي آهي، جتي شهرين پاران شاندار آجيان ڪئي وئي.

آزادي ٽرين جي آخري اسٽيشن ڪراچي جي ڪينٽ اسٽيشن آهي، جتي پڻ آجيان جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*