مشڪل وقت ۾ پنهنجي برادر ملڪ فرانس سان گڏ آهيون امريڪي صدر براڪ اوباما

آمريڪي صدر براڪ اوبامه فرانسيسي سفارتخاني جو دورو ڪري پئرس ۾ 10 صحافين سميت مارجي ويل 12 ڄڻن بابت تعزيتي پيغام لکيو، صدر براڪ اوباما جو چوڻ هو ته دهشتگردن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ برادر ملڪ فرانس سان ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب  آمريڪي صدر براڪ اوبامه واشنگٽن ۾ فرانسيسي سفارتخاني جي اڻ اعلانيل دوري تي پهچي ويو، جتي پئرس ۾ رسالي جي آفيس تي حملي ۾ 12 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا.

امريڪي صدر فرانسيسي سفير گيرارڊ ايراڊ سان ملاقات بعد تعزيتي پيغام لکيو ۽ واپس روانو ٿي ويو.

ان موقعي تي صدر براڪ اوباما چيو ته هـُو مشڪل وقت ۾ پنهنجي برادر ملڪ فرانس سان گڏ آهن ۽ دهشتگردن کي انجام تائين پهچايو ويندو.

ٻئي پاسي رسالي جي آفيس تي حملي ۾ 10 صحافين ۽ ٻن پوليس اهلڪارن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي گذريل ڏينهن فرانس ۾ قومي سوڳ ملهايو ويو.

رسالي جي آفيس تي حملي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته پوليس حملي ۾ ملوث ٻن ڀائرن جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن ۽ شڪ جي بنياد تي 7 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

رسالي جي آفيس تي حملي واري واقعي بعد سموري فرانس ۾سڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ميڊيا جي آفيسن، عبادتگاهن ۽ مختلف حساس جڳهن تي هڪ هزار کان وڌيڪ سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*