تحريڪ انصاف، لاهور ۾ 3 سيٽمبر تي رٿيل جلسي جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن

pti ehtisaab

تحريڪ انصاف، لاهور ۾ 3 سيٽمبر تي رٿيل جلسي جون تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پي ٽي آءِ ترجمان جو چوڻ آهي ته ريلي جو مقصد ڪرپڻ حڪمرانن کي عوام آڏو وائکو ڪرڻ آهي.

تحريڪ انصاف جي ترجمان نعيم الحق پاران جاري ڪيل پڌرائي چيو ويو ته  3 سيٽمبر جي ريلي ۽ لاهور ۾ جلسي جون تيارين جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

نعيم الحق چيو ته تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندڙن کي 3 سيٽمبر واري ريلي کانپوءِ شڪست ڏني ويندي، نواز سرڪار جي ڪرپشن کي پڌرو ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته حڪومت پاناماليڪس اسڪينڊل جي جاچ لاءِ سنجيده نه آهي، نواز سرڪار رڳو وزير اعظم کي بچائڻ لاءِ قانون جا بکيا اڊيڙي رهي آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*