اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پاڪستان مخالف بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي

mltan

اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پاڪستان مخالف بيانن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مخالف بيان ڏيندڙ محب وطن نٿا ٿي سگهن، سڀني کي ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ايم ڪيو ايم سربراهه پاڪستان دشمن تقريرون ڪري رهي نفرت پکيڙي رهيو آهي.

هن چيو ته ملڪ دشمن تقريرون ڪندڙ  پاڪستاني نٿا ٿي سگهن، حڪومت کي سازشي عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي آئين ٺاهيو ۽ ان جي پاسداري به ڪري رهي آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي.

يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ رهي ملڪ دشمن بيان ڏيندڙ وڳوڙ پکيڙڻ چاهين ٿا،  حڪومت کي گهرجي ته اهڙن عنصرن خلا ف ڪارروائي يقيني بڻائي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*