تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي استادن وچ ۾ پگهارن جي معاملي تي ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن

khi teacher

تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي استادن وچ ۾ پگهارن جي معاملي تي ڳالهيون ناڪام ٿي ويون آهن، سيڪريٽري تعليم جو چوڻ آهي ته استادن جون پگهارون تعليم کاتي نه ناڻي کاتي بند ڪيون آهن، جڏهن ته استادن احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

قمبرشهدادڪوٽ جي استادن محمد اسحاق، نظير احمد ۽  سڄڻ مغيري جي اڳواڻي ۾ ٻن سالن کان پگهار بند هجڻ خلاف سنڌ سيڪريٽريٽ آڏو احتجاج ڪيو، جنهن سبب وڏو وزير مراد علي  شاهه روٽ تبديل ڪري سيڪريٽريٽ پهتو.

تعليم کاتي جي سيڪٽريٽري احتجاج ڪندڙ استادن جي اڳواڻن محمد اسحاق، نظير احمد ۽  سڄڻ مغيري کي  پاڻ وٽ گهرائي ڳالهيون ڪيون ۽ مٿن واضع ڪيو ته سندن پگهار تعليم کاتي نه پر ناڻي کاتي بند ڪئي آهي، ان ڪري اهو معاملو تعليم کاتي جو نه پر ناڻي کاتي جو آهي.

سيڪريٽري سان ملاقات ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري تعليم  ناڻي کاتي سان رابطي لاءِ چيو آهي، هو پگهارون بند هجڻ ڪري پريشان آهن.

استاد اڳواڻن اعلان ڪيو ته هو پگهارون ملڻ تائين پنهنجو احتجاج جاري رکندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*