لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته جڊيشل اڪيڊمي جي نظام ۾ موجود ڪمزورين تي پردو نه وڌو ويندو

Lahore-High-Court-19816

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته جڊيشل اڪيڊمي جي نظام ۾ موجود ڪمزورين تي پردو نه وڌو ويندو، ججز کي ڪمزورين جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ججز جي مقرري جي حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪئ وئي آهي، هاڻي ججز جي سروس شروع ٿيڻ کان اڳ سندن ٽريننگ ڪئي ويندي.

هن چيو ته جڊيشل اڪيڊمي جي نظام ۾ موجود ڪمزورين تي پردو نه وڌو ويندو، ڪمزورين جي نشاندهي ڪري انهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويندو، عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*