اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته پاڪستان خلاف هڪ لفظ به برداشت نه ڪيو ويندو

mola baksh

اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته پاڪستان خلاف هڪ  لفظ به برداشت نه ڪيو ويندو، ميڊيا هائوسز تي حملا ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروايون ٿي رهيون آهن.

دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائندي مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته وفاقي سرڪار ننڍن صوبن، خاص طور تي سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي.

مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته وفاق کي ننڍا صوبا پسند ناهن، سنڌ ۾ آدمشماري ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي وفاقي سرڪار خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته پاڪستان خلاف هڪ لفظ به برداشت نه ڪيو ويندو، ميڊيا هائوسز تي حملا ڪندڙن خلاف قانون مطابق ڪارروايون ٿي رهيون آهن.

پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته مان نٿو سمجهان ته ايم ڪيو ايم وارو معاملو پاناما ليڪس تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اٿاريو ويو، پاناما ليڪس معاملي تي پيپلزپارٽي پنهنجي موقف تي قائم آهي.

مولا بخش چانڊيي جو چوڻ هو ته پ پ قيادت جي هدايت تي پارٽي ۾ تنظيم سازي ٿي رهي آهي، جنهن دوران پيپلزپارٽي وڌيڪ جوش ۽ حذبي سان عوام جي خدمت ڪندي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*