12 مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتار ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي پيرول تي آزادي لاءِ قانوني مونجهارا سامهون اچي ويا آهن

Waseem-Akhter-2-24816

12 مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتار ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي پيرول تي آزادي لاءِ قانوني مونجهارا سامهون اچي ويا آهن، ذريعن موجب سنڌ سرڪار چيو آهي ته وسيم اختر تي سمورا ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل آهن، ان ڪري اهو معاملو غور هيٺ آهي.

ڪراچي جي چونڊيل ميئر وسيم اختر جي پئرول تي آزادي جي معاملي ۾ قانوني مونجهارا سامهون آيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار ميئر وسيم اختر جي پئرول تي آزادي جي حوالي سان موقف اختيار ڪيو آهي هت ميئر وسيم اختر کي پيرول تي ڇڏڻ جو گهرو کاتي وٽ نه اختيار آهي ۽ نه ئي اهو معاملو سنڌ سرڪار جي غور هيٺ آهي.

ذريعن موجب سنڌ سرڪار جو چوڻ آهي ته وسيم اختر کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جو فيصلو عدالت ئي ڪري سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*