سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي تيل جي اگهن تي وڌايل 5 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪندي وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلوڪري ورتو

ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي، تيل اگهن تي وڌايل 5 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪندي وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪميٽي ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته پرڏيهي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کي ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي.

اسلام آباد ۾ ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين نسرين جليل جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايف بـِي آر چيئرمين پڻ شرڪت ڪئي.

ڪميٽي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته تيل اگهن تي 5 سيڪڙو جي ايس ٽي ڇو وڌائي وئي آهي، سڄي دنيا ۾ تيل اگهن ۾ گهٽائي تي عوام کي رليف ملي پيو پر هتي عوام مٿان بار وڌو پيو وڃي.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته تيل اگهن تي سبسبڊي ڏيڻ سان 70 ارب رپين جو نقصان ٿيو پيو، ان ڪري تيل اگهن تي جي ايس ٽي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

ڪميٽي ميمبرز چيو ته حڪومت کي گهرجي ته پنهنجا خرچ گهٽايا وڃن، عوام مٿان بار نه وڌو وڃي، تيل اگهن تي 5 سيڪڙو جي ايس ٽي ۾ واڌ عوام سان زيادتي آهي.

ڪميٽي جي ميمبر سينيٽ رعثمان سيف الله چيو ته تيل اگهن تي جي ايس ٽي ۾ واڌ سان کين عدالت سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

ڪميٽي سفارش ڪئي ته تيل اگهن تي وڌايل 5 سيڪڙو جي ايس ٽي ختم ڪئي وڃي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم ڏانهن خط لکڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

اجلاس ۾ ڪميٽي چيئرمين پڇاڻو ڪيو ته پرڏيهه ۾ سيڙپڪارن کان ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي ايف بي آر چيئرمين ٻڌايو ته دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جا تفصيل ڏيڻ لاءِ دبئي حڪومت کي خط لکيو آهي، پر تفصيل نٿا فراهم ڪيا وڃن.

 ڪميٽي هدايت ڪئي ته پرڏيهه ۾ سيڙپڪار ڪندڙن کان ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي، جڏهن ته زرعي آمدني تي ٽيڪس جو اختيار وفاق کي ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي.

ڪميٽي چيئرمين نسرين جليل چيو ته جيڪڏهن زرعي آمدني تي ٽيڪس جو اختيار وفاق کي ڏيڻ لاءِ ترميم جي ضرورت آهي ته ترميم آندي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*