سکر جي درالامان ۾ معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري واقعي جي جاچ نه ٿي سگهي آهي

suk dar ul aman

سکر جي درالامان ۾ معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري  واقعي جي جاچ نه ٿي سگهي آهي، ٻارڙي جي ماءُ شهناز شيخ جو چوڻ آهي ته انتظاميه جي لاپرواهي سبب سندس ٻارڙي فوت ٿي آهي، ڊي سي سکر جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ  ڪئي ويندي.

گذريل ڏينهن سکر جي دارالامان ۾ نئين ڄاول ٻارڙي جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي اڃان تائين جاچ نه ٿي سگهي آهي.

ٻارڙيءَ جي ماءُ شهناز شيخ جو چوڻ آهي ته دارالامان انتظميه کيس فوري طور تي اسپتال منتقل نه ڪيو، جنهن سبب سندس معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس طبعت خراب هئي، ٻارڙيءَ جي فوت ٿيڻ بعد ٻئي ڏينهن کيس اسپتال پهچايو ويو.

ڊي سي سکر  ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائندي چيو ته دارالامان ۾ هر سهولت موجود آهي، پر ٻارِڙي رات جي وقت فوت ٿي آهي، جنهن وقت ڊاڪٽرز موجود نه هئا.

ڊي سي سکر جو وڌيڪ چوڻ هو ته دارالامان ۾ ٻارڙيءَ جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي.

سکر دارالامان جي انچارج تسنيم جو چوڻ آهي ته عورت جي طبيعت خراب ٿي ته کيس فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*