وفاقي حڪومت سنڌ جي گهرو کاتي کي پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي

وفاقي حڪومت سنڌ جي گهرو کاتي کي خط لکي پابندي مڙهيل تنظيمن سان واسطو رکندڙ دهشتگردن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.

وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي گهرو کاتي کي لکيل خط ۾ ڪراچي ۾ دهشتگردي ۾ ملوث پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ سندن دهشتگردن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

خط ۾ انهن علائقن جي  نشاندهي ڪئي وئي آهي، جن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جو  گهڻو اثر موجود آهي.

وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار کي سفارش ڪئي آهي، دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*