ڪراچي جي احتساب عدالت جي جي وي ايل ڪرپشن ڪيس ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين کي نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو

ڪراچي جي احتساب عدالت جي جDr-Asim-Case-14-4-16ي وي ايل ڪرپشن ڪيس ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين کي نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، ڊاڪٽر عاصم عدالت مان ٻاهر ويندي پاڪستان زنده باد جو نعرو لڳايو ۽ وڪٽِري جو نشانو پڻ ڏيکاريو.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ جَي جَي وي ايل ۾ 17 ارب رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت جوابدارن کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

عدالت ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ميڊيا جي نمائندن پاران عيد تي قربانيءَ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عاصم چيو ته هــُو پاڻ ئي قربان ٿي چڪو آهي.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هــُو پاڪستاني آهي ۽ پاڪستان زنده باد جو ئي نعرو هڻندو.

ڊاڪٽر عاصم عدالت کان ٻاهر ويندي وڪٽري جو نشان پڻ بڻايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*