بلوچستان اسيمبلي متحده سربراهه جي ملڪ دشمن تقريرن ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

Balochistan-Assembly-30716

بلوچستان اسيمبلي متحده سربراهه جي ملڪ دشمن تقريرن ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته متحده سربراهه جو بيان ملڪ سان غداري آهي، جنهن تي عوام ۾ ڪاوڙ جي سخت لهر ڇانيل آهي.

بلوچستان اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر راحيلا دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث  ڪيو  ويو.

ايوان ۾ بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بـُگٽي متحده سربراهه جي ملڪ دشمن تقريرن ۽ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته متحده سربراهه جي تقرير ملڪ سان غداري آهي،  ايوان اهڙي بيان جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿو.

ٺهراءَ جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو ته متحده سربراهه جي بيان سان قوم جي دل آزاري ٿي آهي ۽ بلوچستان سميت سموري ملڪ جي عوام ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر  آهي.

ٺهراءَ ۾ متحده سربراهه جي بيان سان گڏ ڪراچي ۾ ميڊيا هائوسز تي حملن جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پنجاب اسيمبلي به متحده سربراهه جي ملڪ دشمن تقريرن خلاف ٺهراءُ منظور ڪري چڪي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*