ايم ڪيو ايم هاڻ فاروق ستار حوالي ٿي چڪي آهي، الطاف حسين کان سڀني لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي آهي, قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هاڻ فاروق ستار حوالي ٿي چڪي آهي، الطاف حسين کان سڀني لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي آهي.
سکر جي مختلف علائقن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائندي سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سکر شهر ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن.
سيد خورشيد شاهه چيو ته سکر شهر ۾ 10 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان نئون روڊ تعمير ٿي رهيو آهي، ۽ شڪارپور روڊ لاءِ 50 ڪروڙ رپيا منظور ڪرايا ويا آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ سيد خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم هاڻ فاروق ستار حوالي ٿي چڪي آهي، متحده سربراهه کان سڀني لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي آهي…………………………