وڏي وزير مراد علي شاهه صاف سٿري ڪراچي مهم لاءِ 12 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

Murad-Ali-Shah-Cabnet-9816

وڏي وزير مراد علي شاهه صاف سٿري ڪراچي مهم لاءِ 12 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، وڏي وزير سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي مقرري کان اڳ صفائي سٿرائي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صاف سٿري ڪراچي مهم جي سلسلي ۾ 12 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪي ناڻي کاتي طرفان جاري به ڪيا ويا آهن.

وڏي وزير ڪراچي اولهه ضلعي، اوڀر، ڏکڻ، سينٽرل، ڪورنگي ۽ ملير ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي مقرري کان اڳ شهر کي گند کان صاف ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير چيو آهي ته صفائي مهم جي نگراني هــُو پاڻ ڪندو ۽ مختلف وقتن تي شهر جا دورا ڪري صفائي صورتحال جو جائزو پڻ وٺندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*