انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي خدشن باوجود انگلش ٽيم آڪٽوبر مهيني ۾ بنگلاديش جي دوري تي موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

England-Bangladesh-27816

انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ سيڪيورٽي خدشن باوجود انگلش ٽيم آڪٽوبر مهيني ۾ بنگلاديش جي دوري تي موڪلڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ان ڳالهه جو فيصلو گذريل خميس ڏينهن تي ٿيل اجلاس بعد رانديگرن ۽ عهديدارن سان ڳالهه ٻولهه ۽بنگلاديش ۾ مسلسل ٿيل بم ڌماڪن جي سيڪيورٽي جو جائزو وٺڻ بعد ڪيو.

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ست آڪٽوبر کان پهرين نومبر دوران ٻه ٽيسٽ ۽ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏندي.

انگلش ٽيم پنهنجي دوري دوران سموريون ميچز صرف ٻن شهرن ۾ چٽاگانگ ۽ڍاڪا ۾ کيڏندي.

واضح رهي ته بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ گذريل مهيني ۾ هڪ ڪيفي ۾ دهشتگردن ڪيترن ماڻهن کي ماري هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*