ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ ورلڊ ڪپ کٽڻ جهڙو احساس آهي، پاڪستان جي ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق

Misbah-Haq-27816

پاڪستان جي ٽِيسٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ ورلڊ ڪپ کٽڻ جهڙو احساس آهي، مشڪل صورتحال ۾ ٽيم جي ڪمانڊ سنڀالي ۽ هو ٽيسٽ ٽيم جي پرفامنس مان مطمئن آهي.

پنهنجي ڪالم ۾ مصباح الحق پراڻين يادن جو ذڪر ڪيو آهي ته ڪهڙي طرح اعجازبٽ پاران کيس لڪي ڪپتاني جي آڇ ڪئي، سندس ڪپتان ٿيڻ تي اڳوڻن رانديگرن سان گڏ ٽيم جي ساٿي رانديگرن کي حيرت ٿي.

قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان وڌيڪ چيو ته انگلينڊ جي دوري کان پهرين سڀ ٽيم کي ڪمزور تصور ڪري رهيا هئا، پر ٽيم جي سمورن رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪري اهو ثابت ڪيو ته انگلش ڪنڊيشنز ۾ به هو سٺي پرفارمنس جومظاهرو ڪري سگهن ٿا.

مصباح الحق 2012۾ انگلينڊ جي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ٽن ميچز تان شڪست ڏئي ڪلين سوئيپ ڪرڻ کي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي فتح قرار ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ آسان نه هو، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جي محنت لڪل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*