لوڊشيدنگ جي خاتمي لاءِ موثر ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا شروع ڪيا ويندا وزيراعظم نواز شريف

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ توانائي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايل اين جي تي هلندڙ پاور پلانٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف، بجلي جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ موجود رڪاٽون فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت  ڪندي چيو آهي ته ن ليگ سرڪار موجوده دور ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ڪوشش ڪندي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو ستون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزير خواجه آصف، اسحاق ڊار، خواجه سعد رفيق، احسن اقبال، سرتاج عزيز،طارق فاطمي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف کي بجلي جي پيداوار ۽ واڌو بجلي اگهن ۾ وصولي بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته گذريل اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويو.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته توانائي بحران جي خاتمي لاءِ ايل اين جي تي پاور پلانٽ لڳايا ويندا.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت گهٽ مدي ۾ بجلي جي پيداوار چاهي ٿي، بجلي جي پيدوار ۾ موجود رڪاوٽن کي فوري ختم ڪيو وڃي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته حڪومت، گرمين کان اڳ وڌيڪ بجلي قومي گرڊ ۾ شامل ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن گرمين ۾ عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي.

هن وڌيڪ چيو ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ موثر ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا شروع ڪيا وڃن ته جيئن انهن سان عوام کي سستي بجلي جي فراهمي ٿي سگهي.

 وزيراعظم نواز شريف چيو ته سج ۽ هوا مان به بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ به متبادل ذريعا استعمال ڪيا وڃن، سندن ڪوشش آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي دور ۾ لوڊشيڊنگ جو خاتمو آڻي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*