سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري

Sindh-Rain-27816

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات جو سلسلو جاري آهي، ڪراچي ۾ تيز هوائن سان برسات کانپوءِ شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، گهرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪرڻ سبب هڪ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا، ڪي اليڪٽرڪ جا اڍائي سئو کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ڪري وڃڻ تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انتظاميا کي پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

ڪراچي جي ملير، گلشن حديد، قائدآباد، لانڍي، سهراب ڳوٺ، شاهراهه فيصل، نيپا، نارٿ ڪراچي، گلستان جوهر، صدر، ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ڪورنگي سميت ٻين علائقن ۾ برسات پئي آهي.

عظيم پوره ۾ برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، گڏاپ جي خلجي ڳوٺ ۾ گهر جي ڀـــِت ڪرڻ سبب 14 ورهين جو سجاول پٺاڻ فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 ڄڻا عارف، شاهزيب ۽ صديق زخمي ٿي پيا.

زخمين کي بقائي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

برسات کانپوءِ شاهراهه فيصل ۽ ڪورنگي روڊ سميت مختلف اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي،  جنهن سبب ماڻهن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

شهر ۾ برسات کانپوءِ اڪثر هيٺانهين وارن علائقن ۾ روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا اڍائي سئو کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ڪري ويا، جنهن ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند آهي.

وڏي وزير شهر جي بجلي بند ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي فوري طور بجلي بحال ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.

وڏي وزير ڪراچي انتظاميا کي سختيءَ سان هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته انتظاميا گهرن ۾ ويهڻ بدران روڊن تي اچي پاڻي نيڪال ڪري ۽ ڪٿي به پاڻي نظر نه اچڻ گهرجي.

ڇاڇري، گمبٽ، موهن جي دڙَي، نارَي، ڪنڊيارَي، هنڱورجا، نوشهري فيروز، مٺياڻي، نوان جتوئي، دريا خان مري، پڊعيدن، ٺاروشاهه، مڃٺ، ڀورٽي، درٻيلَي ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ تيز هوائن سان برسات پئي آهي.

برسات سبب مختلف شهرن ۾ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي ۽ هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*