گڏيل قومن خاطرين باوجود ڪشمير تڪرار حل ناهي ڪيو، رڳو خاطريون ڪرائي مسئلو حل نٿو ڪري سگهجي, وزيراعظم نواز شريف

Nawaz-Sharif-27816

وزيراعظم نواز شريف ڪشمير  مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ 22 پارليامينٽيرينز کي پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن خاطرين باوجود ڪشمير تڪرار حل ناهي ڪيو، رڳو خاطريون ڪرائي مسئلو حل نٿو ڪري سگهجي.

پي ايم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم نواز شريف پارليامينٽ جي 22 ميمبرن کي خاص نمائندو مقرر ڪيو آهي، جن ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر شامل آهن.

خاص نمائندا ڪشمير مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪندا ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي وارن معاملن کان به مختلف  ملڪن کي آگاهه ڪندا.

ان سلسلي ۾ وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشمير معاملو گڏيل قومن ۾ اٿاري چڪو آهي پر هيل تائين رڳو خاطريون ڪرايون ويون آهن ۽ مسئلي جي حل لاءِ ڪا به ڪوشش ناهي ڪئي وئي.

وزيراعظم چيو ته رڳو خاطريون ڪرائي ڪشمير مسئلو حل نٿو ڪرائي سگهجي، ڀارت تي واضح ڪيو ويندو ته ڪشمير تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي.

هن چيو ته خاص نمائندا عالمي سطح تي ڀارتي اڳرائين واري معاملي کي اٿاريندا، کين پاڪستان عوام جي طاقت حاصل آهي ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جون دعائون به ساڻن گڏ آهن.

وزيراعظم چيو ته خاص نمائندن کي حڪومت توڙي پارليامينٽ جي به حمايت حاصل آهي، اميد آهي ته اهي ڀرپور نموني سان ڪشمير جو ڪيس وڙهندا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*