متحده سربراهه اهڙي انجام تائين پهچي چڪو آهي جو ملڪ ۾ ڪو به سندس نالو وٺڻ لاءِ ئي تيار نه آهي، سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد

Pervaiz-Rasheed-27816

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته متحده سربراهه اهڙي انجام تائين پهچي چڪو آهي جو ملڪ ۾ ڪو به سندس نالو وٺڻ لاءِ ئي تيار نه آهي، ڪراچي واسين لنڊن سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽  هاڻي ڪو به لنڊن ۾ ويهي ڪراچي بند نٿو ڪرائي سگهي.

لاهور ۾ ٽيڪسٽائل ايشيا عالمي ڪانفرنس جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته  پاڪستان خلاف ڪنهن به قسم جي ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي، ملڪي سلامتي ۽ وقار جو هر صورت ۾ تحفظ ڪيو ويندو.

هـُن چيو ته ماضي ۾ متحده جو سربراهه لنڊن مان تقرير ڪندو هو ۽ ڪراچي ۾ لاش ڪـِرندا هئا پر هاڻي متحده جو سربراهه اهڙي انجام تائين پهچي چڪو آهي جو سندس ڪو به نالو وٺڻ لاءِ ئي تيار ناهي.

پرويز رشيد چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آهي، اتي صورتحال بهتر هوندي ته ملڪ ترقي ڪندو، ڪراچي واسين جي حب الوطني تي کين سلام پيش ڪيان ٿو.

هن چيو ته ڪراچي واسين لنڊن سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو آهي، هاڻي ڪو به لنڊن ۾ ڪراچي کي بند نٿو ڪرائي سگهي.

وفاقي وزير پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته مسلم ليگ ن جي سرڪار ملڪ ۾ ترقيءَ جو ڄار وڇايو آهي، حڪومت جمهوريت جي ذريعي ملڪ کي ترقي ڏيڻ چاهي ٿي.

پرويز رشيد جو چوڻ هو ته حالتون بهتر ٿيڻ کانپوءِ سيڙپڪار پاڪستان اچي رهيا آهن ۽ چين توانائي جي شعبي ۾ 36 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.

دهشتگردي خلاف آپريشن بابت ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دهشتگرد ڀڄي رهيا آهن پر کين ڪٿي به لڪڻ جي جاءِ نه ملندي، دهشتگردن جو هر هنڌ پيڇو ڪيو پيو وڃي.

وفاقي وزير چيو ته قومي ايڪشن پلان جي ڪجهه نقطن تي 100 سيڪڙو عمل ٿي چڪو آهي پر ڪجهه نقطن تي اڃا عمل ڪرڻ باقي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*