سـُپريم ڪورٽ، فوجي عدالتن پاران موت جي سزا ٻڌايل 17 دهشتگردن جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن

Supreme Court of Pakistan new

سـُپريم ڪورٽ، فوجي عدالتن پاران موت جي سزا ٻڌايل 17 دهشتگردن جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته غير معمولي حالتن کي نظر ۾ رکندي 21 هين ترميم منظور ڪئي وئي ۽ رڪارڊ جو جائزو وٺڻ مان خبر پوي ٿي ته فوجي عدالتون آرمي ايڪٽ تحت قائم ٿيون آهن.

فوجي عدالتن پاران سزا ٻڌايل 17 دهشتگردن جي اپيلن تي فيصلو چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ فوجي عدالتن جي فيصلي کي درست قرار ڏيندي برقرار رکيو ويو.

جن دهشتگردن جون اپيلون رد ڪيون ويون آهن، انهن ۾ شير عالم، خان افسر، جاويد اقبال، محب الله، فضل غفار، ضربه خيلا، عجب گل، علي رحمان، سعد زمان، سخي محمد، حافظ صادق ۽ مسمات اقصيٰ محبوب شامل آهن.

عدالت پاران دهشتگرد مسمات بچه لائيڪا، مسمات انور بي بي، مسمات نيڪ مارو ۽ مسمات مشوبا جي به موت جي سزا خلاف درخواست خارج ڪئي وئي آهي.

تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته غير معمولي حالتن کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ 21 هين ترميم منظور ڪئي ۽ آرمي ايڪٽ ۾ به ترميم  ڪئي وئي.

عدالتي فيصلي موجب هي ڪيس اڻپوري شاهدين جو نه آهي، موت واري سزا جي ڪيسن ۾ ڪا به بي قاعدگي يا لاقانونيت نظر نٿي اچي.

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو آهي ته رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو، جنهن مان ڄاڻ ملي آهي ته فوجي عدالتن جو قيام آرمي ايڪٽ تحت ٿيو آهي.

فوجي عدالت پاران موت جي سزا ٻڌايل دهشتگرد پريڊ لائين حملي، بنون جيل ٽوڙڻ ۽ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي سميت دهشتگردي جي ٻين واقعن ۾ ملوث هئا.

واضح رهي ته فوجي عدالتن جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪرايون ويون هيون، جنهن تي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ 20 جون تي فيصلو محفوظ ڪيو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*