فوجي عدالتن جي حق ۾ نه هئاسين پر ملڪ جي موجوده حالتن سبب حڪومت جو ساٿ ڏنو خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته فوجي عدالتن جي حق ۾ نه هئاسين پر ملڪ جي موجوده حالتن سبب حڪومت جو ساٿ ڏنو، عمران خان کي ڌرڻن جي سياست ختم ڪري پارليامينٽ ۾ واپس اچڻ گهرجي.

ڪشمور ۾ پ پ اڳوڻ مڪيشن ڪمار جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته قائم علي شاهه کي هٽائڻ بابت قيادت پاران ڪوبه فيصلو نه ٿيو آهي.

هن چيو ته ملڪي موجوده حالتن ۾ عمرن خان کي ڌرڻن جي سياست ختم ڪري واپس پارليامينٽ ۾ اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تي ملڪ ۾ وڌيڪ بحران برداشت ڪرڻ جي سگهه نه آهي.

خورشيد شاهه جو اهو به چوڻ هو ته ملڪي حالتن جي نظر ۾ رکندي فوجي عدالتن جي قيام بابت حڪومت جي جو ساٿ ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*