سنڌ هاءِڪورٽ 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 31 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

sindh-highi-court-dr-asim

سنڌ هاءِڪورٽ 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 31 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، گذريل ٻڌڻيءَ تي جسٽس عبدالرسول ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪندي فائل چيف جسٽس ڏانهن منتقل ڪيو هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ 462 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت واري وڌيڪ هڪ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ڊاڪٽر عاصم جي اڳ ئي ضمانت واري هڪ درخواست تي 31 آگسٽ تي ٻڌڻي رکيل هئڻ ڪري عدالت ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

ڊاڪٽر عاصم تي وفاقي وزير هئڻ دوران  اختيارن جو غلط استعمال ڪرڻ ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري 462 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*