وزيراعظم راهداري منصوبي جي حوالي سان نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي

pm iftida

وزيراعظم راهداري منصوبي جي حوالي سان نمائش جو افتتاح ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته راهداري منصوبو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ڏکئي گهڙي ۾ پاڪستان ۽ چين گڏ بيٺل آهن.

اسلام آباد ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي حوالي سان هڪ نمائش جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وزير اعظم نواز شريف، ترقي ۽ منصوبابندي واري وزير احسن اقبال سميت چيني انجنيئرز شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته چين هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي آهي، راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن جي دوستي جو ثبوت آهي.

هن چيو ته پاڪ چين راهداري منصوبو 2020 تائين مڪمل ٿي ويندو، جنهن سان ڪروڙين ماڻهن کي فائدو پهچندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان چين سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، راهداري منصوبي سان پاڪستان جو انفرا اسٽرڪچر بهتر ٿيندو.

نواز شريف چيو ته حڪومت توانائي بحران جي خاتمي لاءِ خاص قدم کڻي رهي آهي، 2018تائين 10 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي.

وزير اعظم وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ کي دنيا لاءِ مثالي پورٽ بڻايو ويندو، چين جي سهڪار سان جديد اسپتالون قائم ڪيون وينديون………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*