شاهپور چاڪر ۾ اسڪول ويندڙ ٻارڙو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر تحويل ۾ ورتو آهي

shah pur

شاهپور چاڪر ۾ اسڪول ويندڙ ٻارڙو ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر تحويل ۾ ورتو آهي.

شاهپور چاڪر جي خانگي اسڪول ۾ تعليم پرائيندڙ پنجين ڪلاس جي شاگرد 12 ورهين جي  زين ولد روشن سومري  کي نوابشاهه لنڪ روڊ تي  ٽريڪٽر ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ شاگرد موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

اطلاع ملڻ تي شاهپور چاڪر پوليس پهچي فوت ٿيل شاگرد جو لاش کڻائي رورول هيلٿ سينٽر پهچايو، پوليس ڊرائيور ۽  ٽريڪٽر کي تحويل ۾ ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*