خوابن جي شهزادي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته فاروق ستار جو ڪنيڪشن ڪڏهن ڊس ڪنيڪٽ ضرور ٿيندو آهي

khi manzor

خوابن جي شهزادي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته فاروق ستار جو ڪنيڪشن ڪڏهن ڊس ڪنيڪٽ ضرور ٿيندو آهي پر ان جي لائين لنڊن جي ئي آهي، متحده ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي رهي آهي، 2018ع جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي گهٽجي ويندي.

صوبائي وزير منظور وساڻ ڪراچي ۾ سنڌ سمال انڊسٽريز ڪارپوريشن جي آفيس جو اوچتو دورو ڪري جائزو ورتو، جنهن دوران ايم ڊي سميت ڪيترائي ٰآفيسر غير حاضر هئا ۽ رڳو هڪ ڊائريڪٽر حاضر نظر آيو، جڏهن ته صوبائي وزير آفيس ۾ ٽٽل ڪرسيون ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سنڌ سمال انڊسٽريز جي ٻن عورت ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ جي شڪايت ڪرڻ تي صوبائي وزير چيو ته اداري جي ماهوار آمدني 20 ڪروڙ رپيا ۽ خرچ 40 ڪروڙ رپيا آهي، ملازمن جي پگهارن لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن.

صوبائي وزير منظور وساڻ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم ٽن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي، 2018ع ۾ ان جي نمائندگي گهٽجي ويندي، فاروق ستار لنڊن جي ڪنيڪشن کانسواءِ نه ڳالهائيندو آهي ۽ هاڻي اندر وارا ماڻهو پارٽي کي هلائيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*