خيبر ايجنسي جي پولٽيڪل انتظاميا بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جي مک جوابدار راجا ارشد کي اڄ ايف آءِ اي حوالي ڪيو پيو وڃي

fahad

خيبر ايجنسي جي پولٽيڪل انتظاميا بئريسٽر فهد ملڪ قتل ڪيس جي مک جوابدار  راجا ارشد کي اڄ ايف آءِ اي حوالي ڪيو پيو وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي جاچ ادارو جوابدار تي هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري سگهي ٿو.

پوليٽيڪل انتظاميا موجب، اسلام آباد ۾ قتل ٿيل بئريسٽر فهد ملڪ جي قتل ڪيس مک جوابدار راجا ارشد گذريل ڏينهن طورخم بارڊر ذريعي افغانستان فرار ٿي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ايف آءِ اي جوابدار خلاف وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ کيس اسلام آباد جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيندي.

ايف آءِ اي موجب، جوابدار جو نالو اي سي ايل ۾ شامل هئڻ سبب هن افغانستان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ان حوالي کانئنس جاچ ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٻن گروپن وچ ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ بئريسٽر فهد ملڪ مارجي ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*